بالي ووڊ اداڪارا تمنا ڀاٽيا به ڪورونا وائرس ۾ وٺجي وئي

نئين دهلي : بالي ووڊ جي من موهڻي اداڪارا تمنا ڀاٽيا به ڪورونا وائرس جو شڪار ٿي وئي.
ڀارت ۾ ڪورونا وبا گهٽجڻ جو نالو ئي نه پئي وٺي ۽ روز وڏي انگ ۾ نوان ڪورونا ڪيس سامهون اچي رهيا آهن، جن ۾ ڪيتريون ئي مشهور شخصيتون پڻ شامل آهن.
ڀارتي ميڊيا جي رپورٽن موجب تمنا ڀاٽيا حيدرآباد شهر ۾ ويب سيريز جي شوٽنگ ۾ مصروف هئي، ان دوران کيس ڪووڊ 19 جون علامتون محسوس ٿيون، جنهن کانپوءِ اداڪارا ڪورونا ٽيسٽ ڪرائڻ جو فيصلو ڪيو.
رپورٽن موجب تمنا ڀاٽيا جي ڪورونا وائرس ٽيسٽ هاڪاري آئي آهي ۽ هن وقت هوءَ بينگلور جي هڪ اسپتال ۾ علاج هيٺ آهي.
واضح رهي ته هڪ مهينو اڳ تمنا ڀاٽيا جي پيءُ سنتوش ڀاٽيا ۽ ماءُ راجاڻي ڀاٽيا جي ڪورونا ٽيسٽ پڻ هاڪاري آئي هئي.

جواب شامل کریں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔