اسرائيل ۾ لکين شهرين جو وزيراعظم نيتن ياهو خلاف احتجاج

تل ابيب : اسرائيل ۾ هڪ لک کان وڌيڪ شهرين ڪورونا وائرس سبب ٻيهر لاڪ ڊائون ۽ وزيراعظم بينجمن نيتن ياهو خلاف وڏي پئماني تي احتجاجي مظاهرا ڪيا ويا آهن.
اهڙا احتجاجي مظاهرا نه رڳو ملڪ جي وڏن شهرن پر ننڍن شهرن توڙي ڳوٺن تائين ڪيا ويا، جنهن جو اهتمام ”بليگ فليگز“ نالي عوامي تحريڪ طرفان ڪيو ويو.
تل ابيب ۾ احتجاج دوران شهرين وزيراعظم نيتن ياهو کي هڪ اهڙو ڊڪٽيٽر قرار ڏنو، جنهن کي ڪورونا وبا جو سهڪار حاصل آهي.
احتجاج ۾ اهڙا ڪيترائي نوجوان به شامل هئا، جيڪي ڪورونا وبا سبب لاڪ ڊائون جي ڪري بي روزگار ٿي ويا آهن.
ماڻهن جي وڏي انگ يروشلم ۾ نيتن ياهو جي سرڪاري رهائشگاهه سامهون به احتجاج ڪيو.

جواب شامل کریں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔