مائڪرو سافٽ جو شاگردن لاءِ بهترين ۽ سستو ليپ ٽاپ متعارف

مائڪرو سافٽ پنهنجو سڀ کان سستو ليپ ٽاپ سرفيس گو متعارف ڪرائي ڇڏيو آهي جيڪو شاگردن لاءِ تيار ڪيو ويو آهي.
ان کان سواءِ ڪمپني طرفان سرفيس پرو ايڪس فليگ شپ ٽيبليٽ به پيش ڪيو ويو آهي.
اهي ٻئي ڊوائيسز هڪ آن لائين ايوينٽ دوران متعارف ڪرايا ويا ۽ اهي سڀ کان اڳ آمريڪا ۾ وڪري لاءِ پيش ڪيا ويندا.
هلڪي وزن جي ان ليپ ٽاپ ۾ لاگ ان لاءِ هڪ فنگر پرنٽ سينسر ڏنو ويو آهي.
12.4 انچ جي پڪسل سينس ٽچ اسڪرين ۾ 10 جنريشن انٽيل ڪور آءِ 5 پراسيسر ڏنو ويو آهي.
ڪمپني موجب ان جي بيٽري لائيف 13 ڪلاڪ آهي جڏهن ته 16 جي بي ريم 236 جي بي اسٽوريج ڏني وئي آهي.
سرفيس ليپ ٽاپ گو ۾ يو ايس بي ٽائيپ اي پورٽ، يو ايس بي ٽائيپ سي پورٽ، هيڊفون جيڪ ۽ سرفيس ڪنيڪٽر ڏنو ويو آهي.
ان کان سواءِ 720 پي ويب ڪيم، اومني سونڪ اسپيڪر ۽ واءِ فاءِ 6 جي سپورٽ جهڙا فيچرز به ان جو حصو آهن.
ان جي قيمت 549 ڊالر (لڳ ڀڳ 91 هزار پاڪستاني رپين کان وڌيڪ) رکي وئي آهي

جواب شامل کریں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔