نوازشريف کي سزا ٻڌائيندڙ جج ارشد ملڪ پنهنجي برطرفي کي چيلنج ڪري ڇڏيو

لاهور: نوازشريف کي سزا ٻڌائيندڙ اڳوڻي جج ارشد ملڪ پنهنجي برطرفي کي عدالت ۾ چيلنج ڪري ڇڏيو آهي.

رپورٽ موجب نوازشريف کي سزا ٻڌائيندڙ اڳوڻي جج ارشد ملڪ پنهنجي برطرفي کي لاهور هاءِ ڪورٽ ۾ چيلنج ڪري ڇڏيو آهي. درخواست ڏيندڙ پنهنجي موقف ۾ چيو ته برطرفي ڪرڻ واري فيصلي ۾ قائدا ۽ ضابطا پورا ناهن ڪيا ويا.

ياد رهي ته لاهور هاءِ ڪورٽ وڊيو اسڪينڊل ۾ جج ارشد ملڪ کي برطرف ڪري ڇڏيو هو.  ان جي برطرفي جي منظوري لاهور هاءِ ڪورٽ جي انتظامي ڪميٽي ڏني هئي جڏهن ته رجسٽرار لاهور هاءِ ڪورٽ 6 آگسٽ تي جج ارشد ملڪ جي برطرفي جو نوٽيفڪيشن جاري ڪيو هو.

جواب شامل کریں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔