ايمنسٽي انٽرنيشنل ڀارت ۾ پنهنجون آفيسون بند ڪري ڇڏيون

ڪراچي: انساني حقن جي عالمي تنظيم ايمنسٽي انٽرنيشنل ڀارتي حڪومت جي انتقامي قدمن جي ڪري پنهنجون سڀئي آفيسون بند ڪري ڇڏيون.

ايمنسٽي انٽرنيشنل موجب مودي سرڪار انساني حقن جي تنظيمن خلاف هڪ مهم هلائي رهي آهي. آفيسن ۾ ڪم ڪندڙ ماڻهن جا بينڪ اڪائونٽ منجمند ڪيا ويا آهن جنهن جي ڪري ملازمن کي فارغ ڪري سڄو ڪم روڪڻو پيو آهي .

عالمي تنظيم جي ڊائريڪٽر جو چوڻ  آهي ته ڀارتي حڪومت دهلي فسادن ۽ والاريل ڪشمير بابت آواز دٻائڻ جي ڪوشش ڪري رهي آهي .

انساني حقن جي عالمي تنظيم ايمنسٽي انٽرنيشنل اعلان ڪيو آهي ته انهن کي پنهنجي ڪم جي ڪري ڀارتي حڪومت پاران نشانو بڻايو پيو وڃي ۽ هو ان ڪري ڀارت ۾ پنهنجو آپريشن بند ڪري رهيا آهن .

گذريل مهيني جاري ٿيل هڪ رپورٽ ۾ ايمنسٽي دعوا ڪئي هئي ته دهلي پوليس فيبروري  ۾ ٿيل فسادن دوران انساني حقن جون خلاف ورزيون به ڪيون . دهلي ۾ پوليس ايمنسٽي جي رپورٽ کي هڪ طرفو ، متعصباڻو ۽ بدنيتي تي ٻڌل قرار ڏنو هو ايمنسٽي ڪشمير جي خاص حيثيت جي خاتمي جو هڪ سال مڪمل ٿيڻ تي ڀارتي حڪومت تي زور ڏنو هو ته هو حراست ۾ ورتل سڀني سياسي اڳواڻن ، ڪارڪنن ۽ صحافين کي آزاد ڪري .

انساني حقن لاءِ ڪم ڪندڙ عالمي تنظيم جو چوڻ آهي ته هلندڙ مهيني جي شروعات ۾ بينڪ اڪائونٽس کي منجمند ڪرڻ واري عمل کين آفيسون بند ڪرڻ تي مجبور ڪيو .

جواب شامل کریں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔