ايل او سي تي ڀارتي فوج جي جارحيت سبب 15 ورهين جو نوجوان ۽ سپاهي شهيد

راولپنڊي: ڀارتي فوج جي لائن آف ڪنٽرول ( ايل او سي) تي بنا ڪنهن جواز جي فائرنگ جي نتيجي ۾ پاڪ فوج جو سپاهي ۽ هڪ 15 ورهين جو نوجوان شهيد  جڏهن ته چار شهري زخمي ٿي پيا .

پاڪ فوج جي عام تعلقاتن واري شعبي (آءِ ايس پي آر) موجب ڀارتي فوج سيڪٽر برو ۽ ٽنڊر تي بنا ڪنهن جواز جي فائرنگ ڪئي ، فائرنگ جي ڏي وٺ ۾ سپاهي شفيق بهادري سان وڙهندي شهيد ٿي ويو .

آءِ ايس پي آر موجب ڀارتي فوج جي شهري آبادي تي فائرنگ سان برو ڳوٺ جو 15 ورهين جو نوجوان به شهيد ٿيو ۽ هڪ عورت ۽ 80 ورهين جي پيرسن سميت 4 شهري زخمي ٿي پيا .

پاڪ فوج جي عام تعلقاتن واري شعبي آءِ ايس پي آر موجب پاڪ فوج جوابي ڪارروائي ۾ ڀارتي چوڪين کي نشانو بڻايو جنهن جي نتيجي ۾ ڀارتي مورچن ۾ جاني ۽ مالي نقصان جا اطلاع آهن .

ڪجهه ڏينهن اڳ ڀارتي فوج جي ڪنٽرول لائن ( ايل او سي ) تي بنا جواز فائرنگ جي نتيجي ۾ پاڪ فوج جو نائيڪ دلفراز شهيد ٿي ويو .

پاڪ فوج جي عام تعلقاتن واري شعبي ( آءِ ايس پي آر) موجب ڀارتي فوج ڪوٽ ڪوٽير اسيڪٽر تي پاڪ فوج جي چوڪين ۽ شهري آبادي تي بنا جواز فائرنگ ڪئي .

جواب شامل کریں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔