پنجاب حڪومت پاران صوبن وچ ۾ پاڻي جي منصفاڻي ورڇ جي عمل کي هڪ ڀيرو ٻيهر روڪڻ جي ڪوشش

اسلام آباد: پنجاب حڪومت صوبن وچ ۾ پاڻي جي منصفاڻي ورڇ جي عمل کي هڪ ڀيرو ٻيهر روڪڻ جي ڪوشش ڪندي اڄ اٽارني جنرل پاڪستان جي سربراهي ۾ ڪاميٽي جو طلب ٿيل مشاورتي اجلاس ملتوي ڪرائي ڇڏيو، اٽارني جنرل پاران چئني صوبن جي وڏن وزيرن کي اماڻيل ليٽر ۾ چيو آهي ته سي سي آءِ جي 42هين اجلاس ۾ صوبن وچ ۾ پاڻي جي منصفاڻي ورڇ ڪرڻ لاءِ اٽارني جنرل جي سربراهي ۾ ڪاميٽي قائم ڪرڻ ۽ ان ڪاميٽي کان هڪ مهيني اندر سفارشون طلب ڪرڻ جو فيصلو ڪيو ويو هو، سي سي آءِ جي ان فيصلي جي روشني ۾ مون 24 سيپٽمبر تي چئني صوبن جي وڏن وزيرن کي خط لکي ڪاميٽي ۾ ٻه ٻه نمائندا نامزد ڪرڻ جو چيو هو ۽ ان بعد 29 سيپٽمبر تي ان ڪاميٽي جو اجلاس طلب ڪيو هو، پر پنجاب حڪومت طلب ڪيل اڄوڪي 29 سيپٽمبر واري اجلاس بابت پنهنجي خدشن کان آگاهه ڪيو آهي، جنهن بعد اهو اجلاس ملتوي ڪيو ويو آهي، اٽارني جنرل پاران چيو ويو ته ڪاميٽي جو اجلاس ملتوي ٿيڻ کان پوءِ هڪ ڀيرو ٻيهر صوبن جي وڏن وزيرن کي درخواست ڪريان ٿو ته پنهنجي صوبي جي ايڊووڪيٽ جنرل کان علاوه ٻه نمائندا ڪاميٽي جي اجلاس لاءِ نامزد ڪن ته جيئن پاڻي جي تقسيم بابت مشاورتي عمل شروع ٿئي، صوبا ڪاميٽي لاءِ نالا تجويز ڪري سڌي ريت بين الصوبائي رابطن واري وزارت جي سيڪريٽري کي اماڻين ۽ اهڙي ڪاپي اٽارني جنرل جي آفيس کي به اماڻي وڃي، هاڻي ڪاميٽي جو اجلاس ڪاميٽي بين الصوبائي رابطن واري وزارت پاران ڪاميٽي جي باضابطه نوٽيفڪيشن جاري ٿيڻ کان پوءِ طلب ڪيو ويندو، واضح رهي ته سنڌ حڪومت جي احتجاج سبب پاڻي ورڇ لاءِ پهرين تڪراري ڪاميٽي ختم ڪري نئين ڪاميٽي جوڙڻ جو نوٽيفڪيشن جاري ڪيو ويو هو ۽ ڪاميٽي ۾ صوبن کي برابر نمائندگي ملي هئي، نئين ڪاميٽي جو اڄ اجلاس طلب ڪيو ويو هو. ذريعن ٻڌايو آهي ته پنجاب حڪومت پاران ڪاميٽي جي ٻيهر جوڙجڪ ڪرڻ واري مامري تي اعتراض واريو آهي ۽ ٻيهر جوڙجڪ لاءِ پنجاب حڪومت پاران نمائندا نامزد نه ڪري سگهڻ جو موقف اختيار ڪيو ويو آهي، جنهن ڪري پنجاب هڪ ڀيرو ٻيهر صوبن وچ ۾ منصفاڻي پاڻي جي ورڇ لاءِ ٿيندڙ اجلاس کي ملتوي ڪرائڻ ۾ ڪامياب ٿيو آهي، پنجاب جي اعتراض کان پوءِ اٽارني جنرل سمورن صوبن جي وڏن وزيرن کي هڪ ڀيرو ٻيهر اهو موقعو ڏيندي ان ڪاميٽي ۾ 2 نمائندا نامزد ڪرڻ ۽ ڪو صوبو تبديلي چاهي ٿو ته نالا تبديل ڪري بين الصوبائي رابطن واري وزارت کي موڪلڻ لاءِ ڪالهه خط اماڻي ڇڏيو آهي، ياد رهي ته سي سي آءِ پاران 6 آگسٽ 2020 تي ٿيل سي سي آءِ جي 42هين اجلاس ۾ صوبن وچ ۾ پاڻي جي منصفاڻي ورڇ لاءِ اٽارني جنرل جي سربراهي ۾ ٻيهر ڪاميٽي قائم ڪرڻ ۽ مهيني اندر رپورٽ ڏيڻ جي هدايت ڪئي هئي، پر ان کي ڏيڍ مهينو ٿي ويو آهي، ان ڪاميٽي جو پهريون اجلاس به ناهي ٿي سگهيو، اٽارني جنرل پاران صوبن جي وڏن وزيرن کي اماڻيل خط ۾ ان ڪاميٽي کي اڻ مڪمل ڪاميٽي قرار ڏنو ويو آهي، جنهن ڪري پاڻي جي منصفاڻي ورڇ بابت سفارشون سي سي آءِ جي فيصلي مطابق تيار نه ٿي سگهيون آهن.

جواب شامل کریں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔