سنڌ سرڪار مختلف کاتن ۾ فوتي ڪوٽا تحت 364 نوڪريون ڏيڻ جي منطوري ڏئي ڇڏي

ڪراچي : سنڌ سرڪار مختلف کاتن ۾ فوتي ڪوٽا تحت 364 نوڪريون ڏيڻ جي منطوري ڏئي ڇڏي، چيف سيڪريٽري ممتاز علي شاهه جي صدارت هيٺ اجلاس مختلف کاتن جي سيڪريٽريز جي شرڪت، لوڪل گورنمينٽ کاتي ۾ 49، صحت کاتي ۾ 39، روينيو کاتي ۾ 14، آبپاشي کاتي ۾ 30 ۽ خوراڪ کاتي ۾ 9 ڀرتيون ڪرڻ جي منظوري، اسڪول ايجوڪيشن ۾ 108، ورڪس اينڊ سروسز ۾ 60، زراعت ۾ 14، پبلڪ هيلٿ کاتي ۾ 11، ايڪسائيز ۾ 3 ۽ پبلڪ هيلٿ کاتي ۾ 11 نوڪريون فوتي ڪوٽا تي ڏيڻ جي منظور، چيف سيڪريٽري چيو آهي ته 2019ع کان هيل تائين فوتي ڪوٽا تحت 4 هزار 29 ڀرتيون ڪرڻ جي منظوري ڏني آهي، اُميدوارن جي پگهار ۽ ڊي آر سي کي مرحليوار مڪمل ڪيو پيو وڃي، اجلاس دوران سمورن سيڪريٽريز کي فوتي ۽ معذور ڪوٽا تحت ڀرتيون مڪمل ڪرڻ جي هدايت ڪئي

جواب شامل کریں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔