افغانستان ۾ سرچاءَ جي عمل جي ڪاميابي کي سوڀ سمجهون ٿا: شاهه محمود قريشي

اسلام آباد : پرڏيهي وزير شاهه محمود قريشي  چيو آهي ته افغانستان ۾ سرچاءَ  جي عمل جي  ڪاميابي کي پنهنجي ڪاميابي سمجهون ٿا، افغانستان ۾ امن ۽ استحڪام  پاڪستان  لاءِ تمام اهم آهي. اسلام آباد ۾  افغانستان جي مفاهمتي ڪائونسل جي چيئرمين عبدالله عبدالله سان گڏ پريس ڪانفرنس ڪندي شاهه محمود قريشي چيو ته عالمي سطح تي افغان امن لاءِ ڳالهيون  انتهائي اهم قدم آهن. هن چيو ته  افغان قيادت کي امن قائم ڪرڻ وارن موقعن مان فائدو حاصل ڪرڻ گهرجي. پرڏيهي وزير چيو ته  اسان کي امن عمل کي نقصان پهچائيندڙ ڌرين کان هوشيار رهڻو پوندو. افغان مفاهمتي ڪائونسل جي سربراهه عبدالله عبدالله  چيو ته پاڪستان سان لاڳاپن کي وڌيڪ مضبوط ڪرڻ   چاهيون ٿا، افغان امن عمل ۾ پاڪستان جو اهم ڪردار آهي. هن چيو ته پاڪستان ۽ افغانستان  کي دهشتگردي، انتهاپسندي سميت  ڪيترن ئي چيلينجز کي منهن ڏيڻو پئجي ويو آهي، اسان کي پنهنجي  عوام جي امن جي خواهش کي اڳتي وڌائڻو پوندو،واپاري  ۽ اقتصادي  سرگرمين لاءِ اڃان امن کي پنهنجي منزل حاصل ڪرڻي آهي، مستقبل جو رستو آسان ناهي، اسان کي گڏجي اڳتي وڌڻو پوندو. ڪائونسل جي چيئرمين چيو ته پاڪستان ۽ افغانستان امن لاءِ ڳري قيمت ادا ڪئي آهي.

جواب شامل کریں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔