ڪويت جو امير شيخ صباح الاحمد الجابر الصباح لاڏاڻو ڪري ويو

ڪويت سٽي : ڪويت جو امير شيخ صباح الاحمد الجابر الصباح 91 ورهين جي ڄمار ۾ لاڏاڻو ڪري ويو.
ڪويت جي امير جولاءِ ۾ پنهنجي ملڪ ۾ سرجري ڪرائي هئي، جنهن کانپوءِ هو مڪمل علاج لاءِ آمريڪا روانو ٿي ويو هو.
سندس صحت ۾ بهتري بابت 14 سيپٽمبر تي ڪويتي وزيراعظم ڪابينا کي آگاهه ڪيو هو.
پرڏيهي ميڊيا موجب ڪويت جو امير آمريڪا ۾ علاج هيٺ هو، جتي اڄ هو لاڏاڻو ڪري ويو آهي، جنهن جي تصديق اختيارين ڪري ڇڏي آهي.
شيخ صباح الاحمد الجابر الصباح 2006 ۾ ڪويت جو امير بڻيو ۽ پنهنجي علالت تائين ان عهدي تي رهيو.
شيخ صباح الاحمد الجابر الصباح ڪويت جو وزيراعظم به رهيو، جڏهن ته هن 40 سالن تائين ڪويت جي پرڏيهي وزير طور به خدمتون انجام ڏنيون.
ڪويتي امير جي لاڏاڻي کانپوءِ سندس 83 روهين جي ويڳي ڀاءُ شيخ نواف الاحمد الصباح کي ڪويت جو امير بڻائڻ جو امڪان آهي.

جواب شامل کریں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔