خاشقجي ڪيس: ترڪي ۾ وڌيڪ 6 سعودي شهرين تي فرد جرم لاڳو

انقرا : ترڪي ۾ اختيارين سعودي صحافي جمال خاشقجي جي قتل ڪيس ۾ وڌيڪ 6 سعودي شهرين تي فرد جرم لاڳو ڪري ڇڏيو.
استنبول ۾ جاري ان ڪيس ۾ 20 سعودي شهرين خلاف اڳ کان ڪيس هلي رهيو آهي.
اطلاعن موجب جن تي فرد جرم لاڳو ڪيو ويو آهي، انهن ۾ قونصل خاني جا 2 ملازم ۽ 4 ٻيا سعودي شهري شامل آهن.
واضح رهي ته آمريڪي اخبار واشنگٽن پوسٽ جي ڪالم نويس 59 ورهين جي جمال خاشقجي کي 2 آڪٽوبر 2018 تي استنبول ۾ سعودي قونصل خاني ۾ قتل ڪيو ويو هو.

جواب شامل کریں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔