ڪراچي سميت سڄي سنڌ ۾ نرسري کان اٺين درجي تائين ڪلاس شروع ٿي ويا

ڪراچي: ڪراچي سميت سڄي سنڌ ۾ نرسري کان اٺين درجي تائين جا ڪلاس شروع ٿي ويا آهن .

سڄي سنڌ ۾ نائين کان ڏهين درجي تائين تعليمي ادارا 15 سيپٽمبر تي کوليا ويا آهن جنهن کانپوءِ نائين ۽ ڏهين ڪلاس کان ڪاليجن تائين ڪلاسن جو سلسلو اڳ ۾ ئي جاري آهي .

صوبائي حڪومت تعليمي ادارن ۾ ڪورونا ڪيسز سامهون اچڻ تي 21 سيپٽمبت تي ڇهين کان اٺين درجي ۾ ٻيهر تعليمي سرگرميون جي شروعات هڪ هفتي لاءِ ملتوي ڪري ڇڏي هئي ،جيڪا اڳ کان ٻيهر بحال ڪئي وئي آهي

تعليمي کاتي جي هدايتن موجب سڀني اسڪولن کي احتياطي تدبيرن تي عمل ڪرڻو پوندو ،بيمار شاگرد يا استاد اسڪول نه ايندا جڏهن ته احتياطي تدبيرن تي عمل نه ڪندڙ اسڪولن جي خلاف ڪارروائي ٿيندي .

ٻئي پاسي پنجاب ۽ خيبر پختونخواه ۾ پرائمري اسڪول 30 سيپٽمبر تي کوليا ويندا جڏهن ته بلوچستان ۾ ڪورونا وائرس جي پکيڙجڻ جي ڪري پرائمري اسڪول کولڻ جو فيصلو ملتوي ڪيو ويو آهي .

جواب شامل کریں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔