ملڪ ۾ ڪرونا وائرس وگهي وڌيڪ 9 مريض فوت

اسلام آباد : ملڪ ۾ ڪرونا وائرس وگهي وڌيڪ 9 مريض فوت ٿي ويا، جنهن بعد حياتيون وڃائيندڙن جو انگ 6 هزار 466 ٿي ويو، 566 نوان ڪيس ظاهر ٿيڻ بعد متاثرن جو انگ 3 لک 10 هزار 841 تائين پهچي ويو. نيشنل ڪمانڊ اينڊ آپريشن طرفان جاري ڪيل انگ اکرن موجب گذريل 24 ڪلاڪن دوران ڪرونا سبب وڌيڪ 9 ماڻهو حياتيون وڃائي ويٺا، جن مان 8 ڄڻا اسپتالن ۾ داخل هئا. ملڪ ۾ 28 هزار 8 سئو 87 شڪي مريضن جي ٽيسٽ ڪئي وئي، جن مان سنڌ ۾ 9 هزار 7 سئو، پنجاب ۾ 9 هزار 7 سئو 28، خيبر پختونخواهه ۾ 3 هزار 7 سئو 26 ۽ بلوچستان مان 1 هزار 1 سئو 79 شڪي مريضن جا سيمپل ورتا ويا، گلگت بلتستان ۽ آزاد ڪشمير ۾ 708 مريضن جي چڪاس ڪئي وئي. گڏيل طور 2 لک 96 هزار 22 مريض صحتمند ٿي چڪا آهن، جنهن بعد ملڪ اندر ايڪٽو ڪيس جو انگ 8 هزار 3 سئو 53 رهجي ويو آهي، جڏهن ته هاڻ بلوچستان ۽ آزاد ڪشمير ۾ ڪرونا جو ڪوبه مريض ناهي. هيل تائين ملڪ ۾ 3 لک، 10 هزار، 8 سئو 41 مريض ڪرونا وائرس جا ڪيس ظاهر ٿيا، جن مان سنڌ ۾ هڪ لک 36 هزار 17، پنجاب ۾ 99 هزار، 2 سئو 19، ڪي پي ۾ 37 هزار 7 سئو هڪ، بلوچستان ۾ 15 هزار 92 ۽ آزاد ڪشمير ۾ 2 هزار 6 سئو 61 ڪيس سامهون آيا. سڄي ملڪ ۾ ڪرونا جا 6 هزار 4 سئو 66 مريض فوت ٿي چڪا آهن، جن مان سنڌ ۾ 2 هزار 4 سئو 92، پنجاب ۾ 2 هزار 2 سئو 31، ڪي پي ۾ هڪ هزار 2 سئو، 59، بلوچستان ۾ هڪ سئو 45، اسلام آباد ۾ 181 مريض حياتيون وڃائي ويٺا، گلگت بلتستان ۾ 87 ۽ آزاد ڪشمير ۾ 71 مريضن دم ڏنو. اين سي او سي موجب هن وقت سڄي ملڪ ۾ ڪرونا جا 6 سئو 81 مريض مختلف اسپتالن ۾ داخل آهن……..

جواب شامل کریں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔