اپوزيشن جي نظر ۾ پارليامينٽ ذاتي اين آر او ڊيمانڊ کانسواءِ ڪجهه به ناهي: مراد سعيد

اسلام آباد : مواصلات واري وفاقي وزير مراد سعيد چيو آهي ته اپوزيشن جي نظر ۾ پارليامينٽ ذاتي اين آر او ڊيمانڊ کانسواءِ ڪجهه به ناهي، ڪشمير تي پارليامينٽ جي گڏيل اجلاس ۾ به نيب ڪيسز جو ذڪر ٿيندو آهي. خانگي ٽي وي چينل سان ڳالهائيندي مراد سعيد چيو ته زرداري جي فرزند جي مشاورت سان گهرايل اجلاس مان به زرداري ليگ ڀڄڻ جو رستو اختيار ڪيو. هن چيو ته اپوزيشن کي اهم معاملي تي گهرايو وڃي ته ڀڄڻ وارو رستو اختيار ڪن ٿا، سندن مقصد ملڪي معاملن تي اتفاق ۽ مسئلن جو حل نه پر رڳو ملڪيتون بچائڻ آهي. مراد سعيد وڌيڪ چيو ته ڪشمير تي پارليامينٽ جي گڏيل اجلاس ۾ به نيب ڪيسز جو ذڪر ٿيندو آهي…………

جواب شامل کریں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔