افغان مفاهمتي ڪائونسل جو چيئرمين عبدالله عبدالله اسلام آباد پهچي ويو

اسلام آباد: افغان مفاهمتي ڪائونسل جو چيئرمين عبدالله عبدالله پاڪستان جي ٽن ڏينهن جي دوري تي اسلام آباد پهچي ويو، وزيراعظم عمران خان، صدر عارف علوي ۽ ٻين اڳواڻن سان ملاقاتون ڪندو، دوحا ۾ ٿيل افغان امن ڳالهين ۽ ٻه طرفن لاڳاپن تي ڳالهيون ڪيون وينديون. افغان مفاهمتي ڪائونسل جو چيئرمين ڊاڪٽر عبدالله عبدالله ٽن ڏينهن جي دوري پاڪستاني دوري تي اسلام آباد پهچي ويو. وزيراعظم جي واپار بابت صلاحڪار عبدالرزاق دائود، افغانستان لاءِ خاص نمائندي محمد صادق، افغانستان ۾ پاڪستان جي سفير منصور احمد خان ۽ ٻين عبدالله عبدالله جو استقبال ڪيو. عبدالله عبدالله پاڪستان جي دوري دوران وزيراعظم عمران خان، صدر عارف علوي، سينيٽ چيئرمين صادق سنجراڻي، اسپيڪر اسد قيصر ۽ ٻين اڳواڻن سان ملاقاتون ڪندو. ملاقاتن دوران دوحا ۾ ٿيل افغان امن ڳالهين ۽ ٻه طرفن لاڳاپن تي ڳالهيون ڪيون وينديون………

جواب شامل کریں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔