آصف زرداري پاران مني لانڊرنگ ۽ پارڪ لين ريفرنسز اسلام آباد هاءِ ڪورٽ ۾ چئلينج

اسلام آباد : اڳوڻي صدر آصف علي زرداري مني لانڊرنگ ۽ پارڪ لين ريفرنسز کي اسلام آباد هاءِ ڪورٽ ۾ چئلينج ڪندي نيب ٽرائل روڪڻ ۽ ٻنهي ريفرنسز ۾ بريت جي استدعا ڪري ڇڏي آهي، آصف زرداري درخواست ۾ موقف اختيار ڪيو آهي ته جعلي اڪائونٽس ڪيسز نيب جو دائرو ناهي، ٻنهي ريفرنسز ۾ بري ڪيو وڃي. اڳوڻي صدر آصف علي زرداري ميگا مني لانڊرنگ ۽ پارڪ لين ريفرنسز خلاف اسلام آباد هاءِ ڪورٽ ۾ درخواست داخل ڪرائي ڇڏي آهي. اڳوڻي صدر پاران داخل ڪرايل درخواست ۾ ٽرائل فوري طور روڪڻ ۽ بريت جي استدعا ڪئي وئي آهي. آصف علي زرداري درخواست ۾ موقف اختيار ڪيو آهي ته جعلي اڪائونٽس ڪيسز نيب جي اختيارن واري دائري ۾ نٿا اچن، تنهنڪري ٻنهي ريفرنسز مان بري ڪيو وڃي……….

جواب شامل کریں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔