حڪومت طلال چوڌري جي معاملي تي پوائنٽ اسڪورنگ ڪري پئي: راڻا ثناءُ الله

لاهور :مسلم ليگ نون پنجاب جي صدر راڻا ثناءُ الله چيو آهي ته طلال چوڌري واري معاملي تي پارٽي جي فيڪٽ فائنڊنگ ڪميٽي ٻن ڏينهن ۾ فيصلو ٻڌائيندي، وفاقي حڪومت معاملي تي پوائنٽ اسڪورنگ ڪري رهي آهي، شفاف جاچ ڪري عوام کي حقيقتن کان آگاهه ڪيو ويندو. لاهور هاءِ ڪورٽ، مخالف ڌر اڳواڻ شهباز شريف جي پيشيءَ جي موقعي تي ميڊيا سان ڳالهائيندي راڻا ثناءُ الله چيو ته طلال چوڌري واري معاملي کي پارٽي جي فيڪٽ فائينڊنگ ڪميٽي ڏسي رهي آهي، ٻن ڏينهن اندر شفاف جاچ ڪري حقيقتون سامهون آنديون وينديون. هن چيو ته وفاقي حڪومت طلال چوڌري واري معاملي تي پوائنٽ اسڪورنگ ڪري رهي آهي. راڻا ثناءُ الله وڌيڪ چيو ته شهباز شريف خلاف ڪوڙو ڪيس ٺاهيو ويو، اسان کي اميد آهي ته عدالت مان شهباز شريف کي انصاف ملندو. ان موقعي تي مسلم ليگ ن جي جنرل سيڪريٽري احسن اقبال طلال چوڌري بابت ميڊيا جي سوالن جا جواب نه ڏنا……….

جواب شامل کریں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔