لنڊن: ايون فيلڊ هائوس ٻاهران احتجاج ، نوازشريف جي خلاف نعري بازي

لنڊن: اڳوڻي وزيراعظم ۽ مسلم ليگ ن جي قائد ميان نواز شريف جي خلاف لنڊن ۾ احتجاج جو سلسلو وري شروع ٿي ويوآهي .

تفصيل موجب لنڊن ۾ شريف فيملي جي رهائش گاهه جي ٻاهران سخت احتجاج ٿيو ، ان دوران مسلم ليگ ن جي قائد خلاف سخت نعري بازي ڪئي وئي .

ايون فيلڊ اپارٽمينٽ ٻاهران مظاهري ۾ نواز شريف ۽ شهبازشريف ٻنهين خلاف نعرا به لڳايا ويا .

احتجاج ۾ شريڪ ٿيندڙن کي گو نواز گو جا پلي ڪارڊ هٿن ۾ کنيل هئا .بعد ۾ مظاهرو ڪندڙ پرامن طور تي منتشر ٿي ويا .

خيال رهي ته جنهن وقت ميان نواز شريف جي خلاف پاڪستان ۾ ڪيس هلندڙ هو تڏهن به لنڊن ۾ سندس خلاف احتجاج هلي رهيو هو .

جواب شامل کریں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔