سپريم ڪورٽ ريل جي پٽڙين سان گڏ سموريون حددخليون ختم ڪرائڻ جو حڪم ڏئي ڇڏيو

اسلام آباد : سپريم ڪورٽ ريل جي پٽڙين سان گڏ سموريون حددخليون ختم ڪرائڻ جو حڪم ڏئي ڇڏيو آهي، سپريم ڪورٽ ۾ ريلوي خساره پاڻمرادو نوٽيس ڪيس جي ٻڌڻي ٿي، ٻڌڻي دوران چيف جسٽس جو چوڻ هو ته پٽڙين سان گڏ عمارتون ٺاهيون ويون آهن، ريل گاڏيون ڪيئن هلنديون، سي اي او ريلوي جو چوڻ هو ته سنڌحڪومت سان گڏجي سموريون حددخليون ختم ڪنداسين، چيف جسٽس چيو ته ٽرين جو نظام تباهه لڳو پيو آهي، سموريون حددخليون ختم ڪرايون وڃن.

جواب شامل کریں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔