نيب ماڻهن جون زندگيون تباهه ۽ ملڪ کي مفلوج ڪري ڇڏيو آهي:شاهد خاقان عباسي

اسلام آباد: مسلم ليگ(ن) جي سينئر اڳواڻ شاهد خاقان عباسي چيو آهي ته قومي احتساب بيورو (نيب) ماڻهن جون زندگيون تباهه ۽ ملڪ کي مفلوج  ڪري ڇڏيو آهي.

اڳوڻي وزيراعظم چيو آهي ته سپريم ڪورٽ ۽ هاءِ ڪورٽ جي ججمينٽ کان پوءِ نيب جي ڪارڪردگي سامهون آئي آهي. نيب صرف سياستدانن جي خلاف ڪيس ٺاهي رهيو آهي. شاهد خاقان عباسي چيو ته نيب ڪورٽ ۾ اڄ به پيشي ٿي. نيب چيئرمين کي ڪنهن به نه ٻڌايو ته ججمينٽ آئي آهي. نيب ۾  پهريان کان ئي اينٽي مني لانڊرنگ قانون موجود آهي.

هن چيو ته اسان جو مطالبو آهي ته عدالت جي ڪمري ۾ ڪيمره لڳائي عوام کي عدالت جي ڪارروائي ڏيکاري وڃي. (ن) ليگي اڳواڻ چيو ته حڪومت بدنيتي تي ٻڌل بل پاس ڪرايا جن جو فنانشل ايڪشن  ٽاسڪ فورس(فينف) سان ڪوبه تعلق نه آهي. بل   ۾ حڪومت ڪنهن جو به ڪمپيوٽر هيڪ ڪري سگهي ٿي. اڳوڻي وزيراعظم چيو ته اسان جون روايتون ڪجهه قانون کان هٽي بڻجي ويون آهن.

آخري بل ۾ اسان جون 20 ترميمون هيون. مسلم ليگ(ن) جي  سينئر اڳواڻ چيو ته گلگت بلتستان کي صوبو بنائڻ گهرجي. شاهد خاقان عباسي چيو ته نوازشريف تقرير ناهي ڪئي پر هن مسئلا بيان ڪيا آهن حڪومت ڪيئن آئي سڀني کي خبر پئجي وئي آهي. اڳوڻي وزيراعظم شاهد خاقان عباسي چيو ته هي هائبرڊ حڪومت ناڪام ٿي چڪي آهي.

جواب شامل کریں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔