خيبرپختونخواهه جي تعليمي ادارن مان ڪورونا جا 53 مريض سامهون اچي ويا

پشاور:  خيبرپختونخواهه ۾ 15 سيپٽمبر کان تعليمي ادارا کلڻ کان پوءِ صوبي جي تعليمي ادارن ۾ ڪورونا جا 53 مريض سامهون اچي ويا آهن.

ايمرجنسي آپريشن سينٽر ڊيٽا مينجمينٽ ٽيم ڪورونا 19 جي تعليمي رپورٽ موجب 2 کان 14 سيپٽمبر تائين 1239 نمونن مان 1082جا نتيجا نگيٽو ۽ 25 جا پازيٽو  آيا. جڏهن ته گذريل 21 ڏينهن ۾ تعليمي ادارن مان گڏيل 76 پازيٽو ڪيس سامهون آيا آهن.

رپورٽ موجب 15 سيپٽمبر کان هينئر تائين صوبي جي تعليمي ادارن مان 9889 نمونا حاصل ڪيا ويا. ان نمونن مان 4081  جا نتيجا نگيٽو ۽ 53 جا پازيٽو آيا آهن جڏهن ته 5757 نمونن جا نتيجا اڃان  نه اچي سگهيا آهن. رپورٽ ۾ ٻڌايو ويو آهي ته 22 سيپٽمبر تي 6 ضلعن ۾ مقرر حدف کان گهٽ نمونا ورتا ويا آهن. صوبي جي 5 ضلعن ۾ حدف کان وڌيڪ نمونا حاصل ڪيا ويا آهن.

رپورٽ موجب جتي هڪ پازيٽو ڪيس سامهون ايندو آهي اتي ڪلاس روم بند ڪري جراثيم کان ڇوٽڪاري وارو اسپري ڪيو ويندو آهي جڏهن ته هڪ کان وڌيڪ ڪيس اچڻ تي ان اداري کي 5 ڏينهن جي لاءِ بند ڪري جراثيم کان ڇوٽڪاري وارو اسپري ڪيو ويندو آهي.

جواب شامل کریں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔