مختلف ملڪن جا سفير ۽ دفاعي نمائندا اڄ ايل او سي جو دورو ڪندا

اسلام آباد: پاڪستان ۾ 24 ملڪن جا سفير ۽ دفاعي نمائندا اڄ لائن آف ڪنٽرول (ايل او سي ) جو دورو ڪندا

ذريعن موجب وفد ۾ عالمي ادارن جا نمائندا به شامل هوندا ، ان موقعي تي پاڪ فوج جي عام تعلقاتن واري شعبي آءِ ايس پي آر جو ڊي جي پرڏيهي سفيرن کي ايل او سي جي صورتحال تي بريفنگ به ڏيندو .

ايل او سي جي دوري ۾ آزربائيجان ، بوسنيا ، يورپي يونين ۽ پرتگال جا سفير۽ دفاعي نمائندن جا وفد شامل هوندا جڏهن ته سعودي عرب ، ڏکڻ آفريڪا ، ترڪي ۽ فلسطين جا سفير به ساڻ هوندا .

يونان ، آسٽريليا ، ايران ، ڪرغستان ، عراق ، برطانيا ، اٽلي ، پولينڊ ، ازبڪستان ، جرمني ، سوئزر لينڊ، فرانس ، مصر، لبيا ، يمن ۽ افغانستان جا سفير به ايل او سي جو دورو ڪندا .

ان موقعي تي خوراڪ واري اداري جا نمائندا به ايل او سي تي ايندا جڏهن ته سفيرن ۽ دفاعي نمائندن جو وفد ڀارتي فورسز پاران ايل او سي جي خلاف ورزين جو جائز وٺندو

سفيرن جو وفد ڀارتي فائرنگ سان متاثر ٿيل ماڻهن سان به ملاقات ڪندو .

جواب شامل کریں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔