دنيا ۾ ڪورونا جا هاڃا جاري، وائرس جي پکيڙ ۾ ٻيهر تيزي، هڪ ڏينهن ۾ 5 هزار هڪ سئو 91 ڪورونا مريض حياتيون وڃائي ويٺا

ڪراچي : دنيا ۾ ڪورونا وائرس جا هاڃا جاري، وائرس جي پکيڙ ۾ ٻيهر تيزي اچڻ لڳي آهي، هڪ ڏينهن دوران 5 هزار هڪ سئو 91 ڪورونا مريض حياتيون وڃائي ويٺا آهن، 2 لک 72 هزار نوان ڪيس رپورٽ ٿيڻ بعد متاثرن جو انگ وڌي 3 ڪروڙ42 هزار 3 سئو ٿي ويو آهي. ڀارت ۾ هڪ ڏينهن دوران هڪ هزار هڪ سئو 52 ڄڻا فوت ٿي ويا جڏهن ته 89 هزار 688 نوان ڪيس ظاهر ٿيا آهن، جنهن بعد ڀارت ۾ متاثرن جو انگ 57 لک 30 هزار هڪ سئو 84 ٿي ويو آهي. آمريڪا ۾ 850 ڪورونا مريض حياتيون وڃائي ويٺا، 32 هزار 184 نوان ڪيس ظاهر ٿيڻ بعد متاثرن جو انگ 71 لک 30 هزار 121 ٿي ويو آهي. ميڪسيڪو ۾ 651، ايران ۾ 184، انڊونيشيا ۾ 140، ترڪي ۽ عراق ۾ 72،72 انساني جانيون ضايع ٿي ويون آهن هيل تائين حياتيون وڃائيندڙن جو انگ 9 لک 79 هزار 960 ٿي ويو آهي، جڏهن ته 2 ڪروڙ 35 لک 72 هزار 132 مريض صحتياب ٿي چڪا آهن.

جواب شامل کریں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔