ڪراچي سميت سڄي سنڌ ۾ سي اين جي اسٽيشنز وڌيڪ 24 ڪلاڪن لاءِ بند

ڪراچي: ڪراچي سميت سڄي سنڌ ۾ اڄ صبح 8 وڳي کان وڌيڪ 24 ڪلاڪ سي اين جي اسٽيشنون بند رهنديون .

گيس جي پريشر ۾ گهٽتائي جي ڪري گهريلو واهپيدار ۽ ڪمرشل سيڪٽر جي طلب پوري ڪرڻ ۾ سخت ڏکيائيون پيش اچي رهيون آهن .

سوئي سدرن گيس ڪمپني جي ترجمان موجب اڄ کان وڌيڪ 24 ڪلاڪ سي اين جي اسٽيشنز بند رهنديون ، سنڌ ۾ اڳ ۾ ئي 48 ڪلاڪن کان سي اين جي اسٽيشنز بند آهن .

سوئي گيس عملدارن جو چوڻ آهي ته مختلف گيس فيلڊز مان سسٽم ۾ ملندڙ گيس جي مقدار ۾ گهٽتائي کي منهن ڏئي رهيا آهيون .گهٽ پريشر جي ڪري گهريلو ۽ ڪمرشل سيڪٽر جي طلب پوري ڪرڻ ۾ ڏکيائيون پيش اچي رهيون آهن.

سي اين جي اسٽيشنز بند ٿيڻ جي ڪري رستن تي پبلڪ ٽرانسپورٽ نهايت گهٽ آهي ، پرائيويٽ ايمبولينس سروس به بند آهي  جنهن جي ڪري ايڌي ۽ ڇيپا تي لوڊ وڌي ويو آهي .

جواب شامل کریں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔