جهانگيرترين جي پٽ علي ترين ايف آءِ اي کي جواب ڏئي ڇڏيو

اسلام آباد: جهانگير جي پٽ علي ترين ايف آءِ کي جواب ڏنو ته هو شوگر ملن جي بورڊ آف ڊائريڪٽرز يا ايڊمنسٽريشن جو حصو ناهي.

ايف آءِ اي ۾ طلبي جي حوالي سان پنهنجي جواب ۾ علي ترين چيو آهي ته جي ڊي ڊبليو ۾ هن جي حيثيت صرف هڪ شيئر هولڊر جي آهي ۽ انتظامي معاملن ۾ سندس عمل دخل جو سوال ئي پيدا نٿو ٿئي.

علي ترين پنهنجي جواب ۾ وڌيڪ چيو ته ڪمپنين جي وچ ۾ ڪاروباري فيصلن بابت کانئس پڇا ڳاڇا ڪرڻ غيرمنطقي آهي، زراعت جي شعبي ۾ ڪيش ٽرانزيڪشنز معمول جو حصو آهي.

هن وڌيڪ چيو ته علي ترين فارمز ۽ جي ڪي ڊيريز ڪاروباري قانون جي پاسداري ڪن ٿا.

جواب شامل کریں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔