آرمي چيف گلگت بلتستان ۾ شفاف چونڊن جِي خواهش رکي ٿو: بلاول ڀٽو زرداري

ڪراچي : پ پ چيئرمين بلاول ڀٽو زرداري چيو آهي ته عسڪري قيادت سان ملاقات دوران گلگت بلتستان ۽ قومي سلامتي بابت بريفنگ ڏني وئي. آرمي چيف گلگت بلتستان ۾ شفاف چونڊن جِي خواهش رکي ٿو. قومي سلامتي تي بريفنگ دوران وزيراعظم موجود نه هو، عمران خان پنهنجو ڪم نه ٿو ڪري سگهي ته استعيفيٰ ڏئي. پ پ چيئرمين بلاول ڀٽو ڪراچي ۾ پريس ڪانفرنس دوران چيو ته گڏجاڻي ۾ هڪ لفظ به نه ڳالهائيندڙ ميڊيا تي ڳالهائي رهيا آهن، بلاول ڀٽو شيخ رشيد جو نالو وٺڻ کانسواءِ چيو ته هو ڪنهن جو به ترجمان آهي، اهو کيس چوي ته هاڻي خاموش ٿي وڃي، موجوده ماحول ۾ نه ٿو لڳي ته قومي اشوز جِي ڳالهه ڳجهي رهندي.

جواب شامل کریں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔