نواز شريف جي ڪنهن به نمائندي آرمي چيف سان ملاقات نه ڪئي آهي: مريم نواز

اسلام آباد : نواز شريف جي ڪنهن به نمائندي آرمي چيف سان ملاقات نه ڪئي آهي، مون کي اطلاع مليا آهن ته پارلياماني ليڊرز جي آرمي چيف سان ملاقات اسلام آباد ۾ نه، راولپنڊي ۾ ٿي هئي، نواز ليگ جي مرڪزي نائب صدر مريم نواز چيو آهي ته گلگت-بلتستان جو مسئلو سياسي آهي، اُن تي فيصلو يا بحث پنڊي بدران پارليامينٽ ۾ ٿيڻ گهرجي، اهڙن سياسي مامرن تي سياسي قيادت کي پنڊي نه گهرائڻ گهرجي ۽ نه ئي وري سياستدانن کي اوڏانهن وڃڻ گهرجي، اسلام آباد هاءِ ڪورٽ ٻاهران ميڊيا سان ڳالهائيندي مريم نواز چيو ته نواز شريف جي صحت خراب هجڻ سبب آپريشن طئه ٿيل آهي، نواز شريف جي قوتِ مدافعت وارو نظام ڪمزور آهي، جيستائين ڪورونا ختم نه ٿو ٿئي، نواز شريف جو آپريشن نه ڪيو ويندو.

جواب شامل کریں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔