حڪومت خلاف آواز اُٿارڻ تي جيل وڃڻو پيو ته تيار آهيون: شهباز شريف

لاهور: اپوزيشن ليڊر شهباز شريف چيو آهي ته عمران خان جي خواهش تي آئون جيل به هليو وڃان ته ساٿي منهنجو منصوبو عوام آڏو پيش ڪندا، هڪ رُپئي جي ڪرپشن به ثابت ٿئي ته منهنجي مرده جسم کي باهه ڏئي ساڙيو وڃي، لاهور ۾ پريس ڪانفرنس ڪندي قومي اسيمبلي ۾ اپوزيشن ليڊر شهباز شريف چيو ته حڪومت خلاف آواز اُٿارڻ تي مون سميت ٻين کي به جيل وڃڻو پيو ته تيار آهيون، ماڻهن کي گرفتار ڪرڻ لاءِ نيب سان گڏ ايف بي آر، آءِ بي ۽ ايف آءِ اي سرگرم ٿي ويون آهن، کنڊ اسڪينڊل ۾ عمران خان ۽ عثمان بُزدار ملوث آهن، ملڪ ۾ ڪڻڪ غائب ۽ اٽو ناياب ٿي ويو، عليمه باجي ايمنسٽي اسڪيم مان فائدو ورتو، نيب فيس بدران ڪيس ڏسي ٿو ته خاموش ڇو آهي؟ پشاور ۾ بي آر ٽي منصوبي تحت هيل تائين رڳو 4 بسز هليون آهن، بي آر ٽي جي ڳالهه ٿئي ته چيو ويندو آهي ته عدالت مان اسٽي ورتو آهي، بي آر ٽي منصوبي ۾ ڪروڙين نه، پر اربين رُپين جي ڪرپشن ڪئي وئي آهي.

جواب شامل کریں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔