ڪراچي ۾ بجلي جي بدترين لوڊشيڊنگ شهرين جون متيون منجهائي ڇڏيون

ڪراچي :ڪراچي ۾ بجلي جي بدترين لوڊشيڊنگ شهرين جون متيون منجهائي ڇڏيون آهن، ڪي اليڪٽرڪ جو چوڻ آهي ته گئس جي کوٽ سبب لوڊشيڊنگ ۾ اضافو ٿيو آهي، جڏهن ته گئس جي کوٽ پوري ڪرڻ لاءِ صوبي ۾ سي اين جي اسٽيشنز 48 ڪلاڪ بند رکڻ جو فيصلو ڪيو ويو آهي. ڪراچي جي ملير، ڪورنگي، گلشن اقبال، گلشن حديد، ڪيامياڙي، صدر سميت ٻين علائقن ۾ 10 کان 12 ڪلاڪ بجلي بند هئڻ سبب شهري پريشانيون ڀوڳڻ تي مجبور آهن. ڪي اليڪٽرڪ لوڊشيڊنگ فري قرار ڏنل علائقن ۾ به 6 ڪلاڪ لوڊشيڊنگ ڪري شهرين جون متيون منجهائي ڇڏيون آهن.ڪي اليڪٽرڪ ترجمان جو چوڻ آهي ته گئس جي کوٽ سبب بجلي جي لوڊشيڊنگ ۾ اضافو ٿيو آهي. هوڏانهن ڪي اليڪٽرڪ کي گئس جي فراهمي برقرار رکڻ لاءِ صوبي ۾ سي اين جي اسٽيشنز 48 ڪلاڪن لاءِ بند رکڻ جو فيصلو ڪيو ويو آهي. انتظاميا موجب اڄ کلندڙ سي اين اسٽيشنز هاڻي جمعي تي صبح 8 وڳي کلنديون.

جواب شامل کریں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔