نوازشريف هاڻ ملڪ واپس نه ايندو، (ن) ليگ جو ڪوبه سياسي مستقبل نه آهي: شيخ رشيد

اسلام آباد: ريلوي  واري وفاقي وزير شيخ رشيد چيو آهي ته نوازشريف هاڻ پاڪستان واپس نه ايندو. (ن) ليگ ۾ (ش) ليگ جنم وٺندي ۽ ان ۾ هڪ مهينو يا ان کان به گهٽ وقت لڳي سگهي ٿو.

(ن) ليگ جو هاڻ ڪوبه سياسي مستقبل نه آهي.  شيخ رشيد چيو ته ڊي جي آءِ ايس پي آر جي تصديق کان پوءِ سڀني چيو ته ملاقات ٿي جڏهن مان  ملاقات جي ڳالهه ڪئي ته قيامت اچي وئي هئي. خانگي چينل جي پروگرام ۾ ڳالهيون ڪندي ريلوي واري وزير چيو ته اڳ هنن کان پڇيو ته ملاقات ڪنهن جي ناهي  ٿي. مان جنرل فيض کي پنهنجي ڪتاب ڏيڻ ويو هئس ته اتي هن جو اچڻ ٿيو.

شيخ رشيد چيو ته مولانا فضل الرحمان کان بلاول تائين ملاقات کان انڪار ڪن ته  اهو ڪوڙ کان سواءِ ڪجهه ناهي. هي جيڪو چوندا آهن اهو ڪندا نه آهن. هنن ۾ احساس ڪمتري  آهي. هن چيو ته دعوت جي ڳالهه جنرل همايون ڪئي. محمد زبير کي دعوت ناهي ڏني وئي، محمد زبير جنهن ملاقات جي  ڳالهه ڪندو آهي اهي ڪراچي  ۾ ٿيون ۽ مان به ان جو حصو هئس. 

شيخ رشيد چيو ته  هنن کي اين آر او نه ملندو هي گوڙ ئي ان لاءِ ڪري رهيا آهن شهباز شريف جي خلاف ته بينڪن جو رڪارڊ پهچي ويو آهي. نوازشريف پاڪ فوج جي خلاف جيڪا زبان استعمال ڪئي ان کي خبر هئي ته هاڻ هن جي واپسي ممڪن  نه آهي. هن چيو ته نوازشريف هاڻ پاڪستان واپس نه ايندو. (ن) ليگ مان هاڻ(ش) ليگ جنم وٺندي ۽ ان ۾ هڪ مهينو يا ان کان  به گهٽ وقت لڳي سگهي ٿو.

شيخ رشيد چيو ته پنهنجي ملڪ جي آرمي چيف سان ملڻ ۾ ڪوبه ڏوهه نه آهي. پر اپوزيشن منهنجي خلاف  هنگامو پيدا ڪري ڇڏيو.   پهرين ملاقات ۾ شهباز شريف مون سان گڏ ويهي ماني کاڌي  هئي ۽ ٻئين ملاقات ۾ چانهه پيتي. هن چيو ته ٻئي ملاقاتون رات جو 12 وڳي تائين جاري رهيون. هن چيو ته(ن) ليگ کي ڪوبه نه سڃاڻيندو هو هي ضياءُالحق جي هنج ۾ وڏا ٿيا آهن. (ن) ليگ جو ڪوبه سياسي مستقبل نه آهي.

جواب شامل کریں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔