ملڪ ۾ ڪرونا وگهي وڌيڪ 5 مريض حياتيون وڃائي ويٺا

اسلام آباد: ملڪ ۾ ڪرونا وگهي وڌيڪ 5 مريض حياتيون وڃائي ويٺا،جنهن بعد فوتين جو  انگ وڌي  6 هزار 437  ٿي ويو. نيشنل ڪمانڊ اينڊ آپريشن سينٽر مطابق 24 ڪلاڪن دوران  ڪرونا جا  799نوان ڪيس ظاهر ٿيا آهن. اين سي او سي مطابق  ملڪ ۾ متاثرن جو انگ 3 لک 8 هزار 217 ٿي ويو،جڏهن ته سنڌ ۾ سڀ کان وڌيڪ هڪ لک 34 هزار 845 ڪيسز رپورٽ ٿيا آهن. رپورٽس مطابق پنجاب ۾ 98 هزار 686 ، ڪي پي ۾ 37 هزار 470 ،بلوچستان ۾ 14 هزار 765 ۽ اسلام آباد ۾ 16 هزار 288 ڪيسز  رپورٽ ٿيا آهن،جڏهن ته ٻه لک  94 هزار 392 مريض صحتياب ٿي ويا. حڪومت جو چوڻ آهي ته پاڪستان ۾ ڪرونا جي ڪيسز جو گراف لاڳاتار گهٽجي رهيو آهي، پر خطرو اڃان ٽريو ناهي.

جواب شامل کریں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔