برسات سبب عمرڪوٽ ضلعي ۾ 6 لک 9700 هزار خاندان متاثر ٿيا: مراد علي شاهه

ڪراچي : وڏي وزير مراد علي شاهه کي بريفنگ   ۾ ٻڌايو ويو آهي ته برسات سبب عمرڪوٽ ضلعي ۾ 6 لک 9700 هزار ۽ سانگهڙ ۾ 35 هزار کان وڌيڪ خاندان متاثر ٿيا آهن، 80 سيڪڙو فصل به تباهه ٿي چڪا آهن، 28 هزار کان وڌيڪ ماڻهن کي رليف ڏيڻ لاءِ رجسٽرڊ ڪيو ويو آهي. سي ايم هائوس ڪراچي ۾ وڏي وزير مراد علي شاهه جي صدارت هيٺ برسات متاثرن کي رليف ڏيڻ بابت اجلاس ٿيو، جنهن ۾ صوبائي وزير ناصر شاهه، مخدوم محبوب الزمان، فياض ڏيرو ۽ ٻين شرڪت ڪئي. ڊي سي عمرڪوٽ وڏي وزير کي بريفنگ ۾ ٻڌايو ته ضلعي  جِي ٻهراڙي وارن علائقن 6 لک 97 هزار ماڻهو برسات سبب متاثر ٿيا ۽ 80 سيڪڙو فصل تباهه ٿي چڪا آهن. اجلاس کي ٻڌايو ويو ته 18 هزار 3 سئو 53 ڪٽنب به متاثر ٿيا آهن، جن کي روڊن تي چوڌاري خيما بستي قائم ڪري ۽ ڪجهه کي اسڪولز ۾ رهايو ويو آهي، 48 سئو کان وڌيڪ ماڻهو روحل واهه تي ويٺل آهن، پاڻي نيڪال ڪرڻ باوجود اڃا به 11 هزار ڪٽنب اڃا تائين خيمن ۾ ويٺل آهن. وڏي وزير کي ٻڌايو ويو ته 12 هزار 6 سئو 99 خيما ورهايا ويا آهن، اڃا به 3 هزار خيمن جي ضرورت آهي. ڊي سي سانگهڙ اجلاس کي بريفنگ ڏني ته ضلعي ۾ 35 هزار کان وڌيڪ ڪٽنب متاثر ٿيا آهن، جن مان 28 هزار سڃاڻپ ڪارڊ سوڌو رجسٽرڊ ٿي چڪا آهن. ڊي سي موجب سانگهڙ ۾ اڃا به 31 هزار 9 سئو 33 ايڪڙن تي پاڻي بيٺل آهي، جيڪو پمپنگ ذريعي نيڪال ڪيو پيو وڃي. ان موقعي تي وڏي وزير پي ڊي ايم اي کي هدايت ڪئي ته متاثرن جي هر ممڪن مدد ڪئي وڃي، جڏهن ته آبپاشي کاتي به پاڻي نيڪال ڪرڻ يقيني بڻائڻ جو حڪم ڏنو ويو آهي……

جواب شامل کریں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔