اسلام آباد ۾ هندو ڪائونسل جي ڀارت خلاف ڌرڻي جا انتظام مڪمل

اسلام آباد : ڀارت ۾ 11 سنڌي هندن جي قتل خلاف هندو ڪائونسل جي سڏ تي  اڄ اسلام آباد جي ڊپلوميٽڪ انڪليو ۾ ڌرڻو ڏنو پيو وڃي،احتجاج  جا انتظام مڪمل ڪيا ويا آهن. سنڌ جي مختلف شهرن حيدرآباد، ميرپورخاص، سکر، گهوٽڪي ۽ جيڪب آباد جا ساڍا  ٽي هزار هندو برادري جا ماڻهو راوالپنڊي ۽ اسلام آباد پهچي ويا آهن. اسلام آباد جي انتظاميا  احتجاج دوران سيڪيورٽي جا انتظام مڪمل  ڪري ورتا آهن. هندو برادري پاران اسلام آباد ۾ ڊپلوميٽڪ انڪليو ۾ ڀارتي هاءِ ڪميشن کي احتجاجي ياداشت نامو پيش ڪيو ويندو. سنڌ جي مختلف شهرن مان نڪتل قافلن ۾ شهري هندو برادري جا ماڻهو ڀارتي وزير اعظم نريندر مودي جي خلاف نعرا هڻي رهيا آهن.

جواب شامل کریں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔