سنڌ هاءِ ڪورٽ شرجيل ميمڻ کي ڳجهي انڪوائري ۾ گرفتار ڪرڻ کان روڪي ڇڏيو

ڪراچي : سنڌ هاءِ ڪورٽ، پيپلزپارٽي اڳواڻ شرجيل انعام ميمڻ کي ڪنهن به ڳجهي انڪوائري ۾ گرفتار ڪرڻ کان روڪي ڇڏيو. جسٽس ڪي ڪي آغا جي سربراهي ۾ سنڌ هاءِ ڪورٽ جي بينچ اڳوڻي صوبائي وزير شرجيل انعام ميمڻ خلاف نيب جي ڳجهين انڪوائريز خلاف درخواست تي ٻڌڻي ڪئي. شرجيل ميمڻ جَي وڪيل راجا علي واحد دليل ڏيندي چيو ته شرجيل ميمڻ خلاف نيب ڳجهي جاچ ڪري رهيو آهي، خدشو آهي ته کيس گرفتار ڪيو ويندو، جاچ هيٺ ڪيسز جا تفصيل طلب ڪيا وڃن. نيب جَي پراسيڪيوٽر دليل ڏيندي چيو ته شرجيل ميمڻ خلاف 2 ريفرنسز ڪراچي ۾ ٻڌڻي هيٺ آهن، ملڪ ۾ جاري ٻين ڳجهي انڪوائريز بابت ڪرونا جي ڪري تفصيل ناهن ملي سگهيا. عدالت نيب کي حڪم ڏنو ته شرجيل ميمڻ کي ڪنهن به ڳجهي انڪوائري ۾ گرفتار نه ڪيو وڃي. عدالت اهو به حڪم ڏنو ته اهڙي ڪنهن به انڪوائري يا انويسٽيگيشن ۾ شرجيل انعام ميمڻ کي گرفتار نه ڪيو ُڃي، جنهن جي کيس ڄاڻ نه هجي. عدالت نيب کان شرجيل ميمڻ خلاف سموري ملڪ ۾ جاري نيب جي ڳجهي انڪوائرين يا انويسٽگيشن بابت رپورٽ طلب ڪندي ٻڌڻي 17 ڊسمبر تائين ملتوي ڪري ڇڏي

جواب شامل کریں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔