پاڪستان ۾ سون جو مُلهه ڪِرڻ جو سلسلو جاري

ڪراچي: پاڪستان ۾ سون جو مُلهه ڪِرڻ جو سلسلو جاري آهي ۽ في تولي سون جي قيمت ۾ وڌيڪ 7 سئو رپيا گهٽتائي ٿي آهي.
سنڌ سونارا بازار ايسوسيئيشن موجب ملڪ ۾ 7 سئو رپيا لاٿ کانپوءِ في تولي سون جي قيمت هڪ لک 14 هزار رپيا ٿي وئي آهي.
اهڙي ريت 10 گرام سون جي قيمت ۾ 6 سئو رپيا لاٿ ٿي آهي، جيڪو هاڻ 97 هزار 737 رپين جو ٿي ويو آهي.
هوڏانهن عالمي مارڪيٽ ۾ به سون جو قدر 15 ڊالر لهڻ کانپوءِ هڪ هزار 892 ڊالر في اونس ٿي ويو آهي

جواب شامل کریں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔