بالي ووڊ ۾ منشيات جو استعمال، وڏا وڏا نالا ڄار ۾ ڦاسي پيا

نئين دهلي (ويب ڊيسڪ) ڀارت جي نارڪوٽڪس ڪنٽرول بيورو (اين سي بي) بالي ووڊ اداڪارن خلاف گهيرو تنگ ڪرڻ شروع ڪري ڇڏيو آهي ۽ بالي ووڊ جي ناليوارين شخصيتن کي طلبي جا سمن جاري ڪيا ويا آهن.
بالي ووڊ اداڪار سشانت سنگهه راجپوت جي آپگهات کان جاچ جو شروع ٿيندڙ سلسلو بالي ووڊ ۾ منشيات جي استعمال تائين پهچي ويو آهي ۽ وڏا وڏا نالا ان ڄار ۾ ڦاسندا نظر پيا اچن.
تازو سوشل ميڊيا تي مبينا طور بالي ووڊ جي ڪامياب اداڪارا دپيڪا پڊڪون جي مبينا طور منشيات گهرڻ جي واٽس ايپ چيٽ وائرل ٿي هئي، جنهن کانپوءِ اها به شڪ جي دائري ۾ آئي، جڏهن ته ان معاملي تي دپيڪا جي مئنيجر کي به سمن جاري ڪيو ويو هو پر اها صحت جي خرابي سبب پيش نه ٿي سگهي.
ڀارتي ميڊيا رپورٽن موجب اين سي بي منشيات جي معاملي تي جاچ لاءِ بالي ووڊ اداڪارائن دپيڪا پڊڪون، شرڌا ڪپور، سارا علي خان ۽ راڪول پريت سنگهه کي سمن جاري ڪري ڇڏيا آهن.
دپيڪا کي 25 سيپٽمبر، شرڌا ۽ سارا کي 26 سيپٽمبر، جڏهن ته راڪول کي سڀاڻي گهرايو ويو آهي.
واضح رهي ته سشانت سنگهه راجپوت ڪيس ۾ منشيات جي معاملي تي هيل تائين ريا چڪرورتي سميت 12 ڄڻن کي گرفتار ڪيو ويو آهي.

جواب شامل کریں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔