اسرائيل جي عسڪري برتري قائم رکڻ لاءِ مدد ڪنداسين: آمريڪا

واشنگٽن: آمريڪا جي بچاءَ واري وزير مارڪ ايسپر چيو آهي ته اسان وچ اوڀر ۾ اسرائيل جي عسڪري برتري قائم رکڻ ۾ ان جي مدد ڪنداسين.
اهڙن خيالن جو اظهار مارڪ ايسپر آمريڪا جي دوري تي موجود پنهنجي اسرائيلي هم منصب بيني گينٽس سان پينٽاگون ۾ هڪ ملاقات جي موقعي تي ڪيو.
مارڪ ايسپر چيو آهي ته اها ڳالهه آمريڪي اسرائيلي دفاعي لاڳاپن جو هڪ اهم حصو آهي ته اسرائيل کي وچ اوڀر ۾ حاصل عسڪري برتري قائم رهڻ گهرجي.
واضح رهي ته اسرائيل خطي جو اڪيلو ملڪ آهي، جنهن کي آمريڪا ايف 35 جنگي جهاز فراهم ڪيا آهن ۽ اسرائيل نٿو چاهي ته آمريڪا هاڻ گڏيل عرب امارتن کي به اهڙا جنگي جهاز فراهم ڪري.

جواب شامل کریں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔