ڪشمير مسئلي جو حل ڏکڻ ايشيا جي امن لاءِ اهم آهي:رجب طيب اردوان

انقره: ترڪي جي صدر رجب طيب اردوان ڪشمير کي ” حل طلب مسئلو“ قرار ڏيندي ان کي ڏکڻ ايشيا جي امن ۽ استحڪام لاءِ اهم قرار ڏئي ڇڏيو آهي.
ترڪ صدر گڏيل قومن جي جنرل اسيمبلي جي 75هين اجلاس کي خطاب ڪندي چيو ته ڪشمير مسئلو ڏکڻ ايشيا جي استحڪام ۽ امن جي لاءِ ڪليدي حيثيت رکي ٿو پر ان کي اڄ تائين حل ناهي ڪيو ويو.
هن گذريل سال ڀارت طرفان 5 آگسٽ تي کنيل قدمن جو حوالو ڏيندي چيو ته ڄمون ۽ ڪشمير جي حيثيت جي خاتمي کان پوءِ کنيل قدم ان مسئلي کي سنجيده بڻائي ڇڏيو آهي.
ترڪ صدر چيو ته اسان ان مسئلي کي ڳالهين جي ذريعي حل ڪرڻ جي حق ۾ آهيون ۽ ان مسئلي کي گڏيل قومن جي ٺهرائن ۽ خاص ڪري ڪشميري عوام جي خواهشن جي موجب حل ڪرڻ جي ضرورت آهي.
گڏيل قومن جي جنرل اسيمبلي جو 75هون اجلاس ان لحاظ سان انفراديت وارو آهي ته ان اجلاس ۾ عالمي اڳواڻ پاڻ شرڪت بدران ڪورونا وائرس جي ڪري آن لائن خطاب ڪري رهيا آهن.
رجب طيب اردوان چيو ته نسل پرستي، زينوفوبيا، اسلاموفوبيا ۽ نفرت جوڳيون تقريرون خطرناڪ حد تائين وڌي چڪيون آهن ۽ تعصب ۽ جهالت جي ڪري مسلمانن کي اهڙن خطرن کي سڀ کان وڌيڪ منهن ڏيڻو پيو پوي.
سندس چوڻ هو ته ان نظريي جو سبب بنيادي طور تي سياستدان آهن جن ووٽن جي ڪري اِهو مقبول نظريو اختيار ڪيو ۽ اُهي مخصوص ماڻهو آهن آزادي جي اظهار جي نالي تي نفرت جوڳن بيانن کي صحيح قرار ڏنو.
هن گڏيل قومن کان مطالبو ڪيو ته 15 مارچ تي نيوزي لينڊ ۾ مسلمانن جي خلاف ڪيل حملا گڏيل قومون (اسلامي فوبيا جي خلاف عالمي ٻڌي جو ڏينهن) قرار ڏئي.
ترڪ صدر اسرائيل ۽ فلسطين جي وچ ۾ تڪرار تي ڳالهائيندي چيو ته ان مسئلي جو حل رڳو جغرافيائي لحاظ سان آزاد، خود مختار فلسطيني رياست جي قيام سان ممڪن آهي جنهن جو راڄڌانو اوڀر يروشلم هجي.
هن چيو ته ڪجهه ملڪن طرفان گڏيل قومن جي ٺهرائن ۽ عالمي قانو جي خلاف القدس ۾ سفارتخانو کولڻ جو اعلان ڪيو آهي جنهن سان فلسطين مسئلو وڌيڪ پيچيده ٿي ويو آهي پر ترڪي ڪنهن به اهڙي منصوبي جي حمايت نه ڪندو جنهن ۾ فلسطيني عوام جي رضامندي شامل نه هجي.
صدر اردوان اوڀر روم سمنڊ جي مسئلي کي ڳالهين جي ذريعي حل ڪرڻ جي ضرورت تي زور ڏيندي چيو ته اسان هڪ علائقائي ڪانفرنس رٿڻ واري تجويز پيش ڪري رهيا آهيون جنهن ۾ خطي جي ٻين ملڪن جي حقن کي نظر ۾ رکيو وڃي.

جواب شامل کریں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔