برطانيه ۾ ڪورونا جا ڪيس تيزي سان وڌڻ لڳا، مدد لاءِ فوج طلب

لنڊن: برطانيه ۾ ڪورونا وائرس هڪ دفعو ٻيهر ڪنٽرول کان ٻاهر ٿي ويو. وزيراعظم بورس جانسن قائدن ۽ ضابطن تي عمل ڪرائڻ لاءِ فوج کان مدد گهري ورتي.ماسڪ نه پائيندڙن مٿان ٻه سئو پائونڊ ڏنڊ لاڳو ڪيو ويندو. پرڏيهي خبرون ڏيندڙ اداري موجب برطانيه ۾ ڪورونا وائرس جي نئين لهر سامهون اچڻ کان پوءِ ايس او پيز تي عمل ڪرائڻ جي لاءِ فوج طلب ڪئي وئي آهي.وزيراعظم بورس جانسن ڪورونا جي روڪٿام جي لاءِ نئون پلان پارليامينٽ ۾ پيش ڪيو جنهن جي تحت ڇهه کان وڌيڪ ماڻهن جي اجتماع تي پابندي ۽ ماسڪ هر شهري جي لاءِ لازمي قرار ڏنو ويو. ڪورونا جا ڪيس ظاهر ٿيڻ کان پوءِ هاڻ رات جو 10 وڳي کان پوءِ سمورا عوامي هنڌ بند ڪيا ويندا

جواب شامل کریں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔