سعودي عرب 4آڪٽوبر کان پرڏيهي شهرين کي عمري ۽ زيارت جي اجازت ڏئي ڇڏي

رياض :سعودي عرب 4آڪٽوبر کان پرڏيهي شهرين کي عمري ۽ زيارت جي اجازت ڏئي ڇڏي آهي. سعودي عرب جي گهرو وزارت جو چوڻ آهي ته عمرو مرحليوار بحال ڪيو ويندو، پهرين مرحلي ۾ 5 هزار سعودي شهرين کي عمري جي اجازت هوندي.سعودي پرڏيهي وزارت موجب، پرڏيهي پانڌيئڙا پهرين نومبر کان عمري جي سعادت حاصل ڪري سگهندا.واضح رهي ته ڪورونا وائرس جي ڪري هلندڙ سال پرڏيهي شهرين کي حج ۽ عمري جي سعادت حاصل ڪرڻ جي اجازت نه هئي.

جواب شامل کریں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔