ايل او سي تي ڀارتي فوج جي بنا اشتعال فائرنگ، پاڪ فوج جا 2 جوان شهيد

راولپنڊي: ڀارتي فوج جي لائن آف ڪنٽرول تي بنا اشتعال فائرنگ سان پاڪ فوج جا 2 سپاهي شهيد ٿي ويا .

پاڪ فوج جي عام تعلقاتن واري شعبي (آءِ ايس پي آر ) موجب ڀارتي فوج لائن آف ڪنٽرول جي ديوا سيڪٽر تي بنا اشتعال فائرنگ ڪئي جنهن جي نتيجي ۾ پاڪ جا سپاهي نورحسن ۽ وسيم علي شهيد ٿي ويا .

 آءِ ايس پي آر موجب پاڪ فوج ڀارتي چڙڏياريندڙ ڪارروائين جو ڀرپور جواب ڏيندي ڀارتي چيڪ پوسٽن کي نشانو بڻايو جنهن ۾ ڀارتي پوسٽ تي جاني ۽ مالي نقصان ٿيو .

آءِ ايس پي آر موجب ڀارتي فوج 2020 ۾ 2333 ڀيرا ايل او سي جي خلاف ورزي ڪئي آهي .

جواب شامل کریں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔