ڀارت ۾ شهدادپور واسي 11 هندن جي قتل واري واقعي خلاف اسلام آباد ۾ احتجاج لاءِ نڪتل قافلو منزل طرف روان دوان

ڪراچي: ڀارتي شهر جوڌپور ۾ شهدادپور واسي 11 گهرڀاتين جي قتل واري واقعي خلاف اسلام آباد ۾ احتجاج لاءِ شهدادپور مان نڪتل ڀيل برادري جو قافلو منزل طرف روان دوان آهي ، قافلي ۾ عمرڪوٽ، حيدرآباد، ٽنڊو الهيار ۽ ٻين علائقن سان واسطو رکندڙ ڀيل برادري جا ماڻهو شامل آهن، سکر، روهڙي ۽ ٻين علائقن ۾ قافلي جي شاندار آجيان ڪئي وئي، ڀيل برادري جي ماڻهن جو چوڻ آهي ته جوڌپور ۾ 11 ڀاتين جي قتل واري واقعي کي آپگهات جو رنگ ڏئي ڊرامو ڪيو وڃي ٿو، ڀارتي سرڪار نه ته واقعي جي شفاف جاچ ڪرائي ۽ نه ئي جوابدار گرفتار ڪيا آهن، اسلام آباد ۾ احتجاج ڪري پاڪستاني حڪومت کان واقعي ۾ پنهنجي ڪردار ادا ڪرڻ جو مطالبو ڪيو ويندو.

جواب شامل کریں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔