ڪشميرين جي حق ۾ ٻيهرآواز اٿارڻ تي وزيراعظم عمران خان ترڪ صدر جا ٿورا مڃيا

اسلام آباد: وزيراعظم عمران خان گڏيل قومن ۾ ڪشمير جي حق ۾ آواز اٿارڻ تي ترڪ صدر جو ٿورو مڃيو آهي .

وزيراعظم عمران خان گڏيل قومن جي جنرل اسيمبلي ۾ ڪشمير مسئلي جي حق ۾ آواز اٿارڻ تي ترڪ صدر رجب طيب اردگان جو ٿورو مڃيندي چيو آهي ته ڪشميرين جي حقن لاءِ هڪ ڀيرو وري آواز اٿارڻ تي صدر اردگان جي دل جي گهرائين سان ٿورائتا آهيون .

وزيراعظم عمران خان جو چوڻ هو ته خوداراديت واري جدوجهد ۾ ترڪي جي اٽل حمايت ڪشميرين جي آواز کي وڌيڪ مضبوط بڻائي ٿي .

جواب شامل کریں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔