آمدني کان وڌيڪ اثاثا: فضل الرحمان خلاف جاچ شروع، پهرين آڪٽوبر تي نيب آفيس طلب

پشاور:  قومي احتساب بيورو(نيب) جمعيت علماءِ اسلام جي اڳواڻ مولانا فضل الرحمان جي خلاف جاچ شروع ڪري ڏني آهي.

ذريعن موجب نيب هيڊ ڪوارٽر طرفان مولانا فضل الرحمان جي خلاف جاچ جي لاءِ نيب خيبرپختونخواهه کي حڪم جاري ڪري ڇڏيا آهن.

مولانا فضل الرحمان کي آمدني کان وڌيڪ اثاثن خلاف جاچ ڪئي ويندي. نيب ترجمان تصديق ڪندي ٻڌايو ته نيب هيڊ ڪوارٽرز مولانا فضل الرحمان کان آمدني کان وڌيڪ اثاثا رکڻ تي جاچ ڪئي ويندي.

مولانا فضل الرحمان جي ڀاءُ ضياءُالرحمان جي خلاف به نيب جاچ ڪري رهيو آهي نيب طرفان مولانا فضل الرحمان کي پهرين آڪٽوبر تي  حيات آباد ۾ واقع آفيس ۾ صبح جو 11 وڳي پيش ٿي بيان رڪارڊ ڪرائڻ جو نوٽيس جاري ڪيو ويو آهي.

نوٽيس ۾ چيو ويو آهي ته نيب وٽ ڪيس ۾ مولانا فضل الرحمان جي خلاف شاهديون ۽ ڄاڻ آهي. پيش نه ٿيڻ جي صورت ۾ نيب قانون تحت ڪارروائي ڪئي ويندي.

جواب شامل کریں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔