خورشيد شاهه جي ضمانت واري درخواست تي نيب کي نوٽيس جاري، ٻڌڻي ٻن هفتن لاءِ ملتوي

اسلام آباد: سپريم ڪورٽ پ پ اڳواڻ خورشيد شاهه ۽ ان جي پٽ جي ضمانت وارين درخواستن تي نيب کي نوٽيس جاري ڪري ڇڏيو آهي.

سپريم ڪورٽ ۾ جسٽس عمر عطا بنديال جي سربراهي ۾ 3 رڪني بينچ پ پ اڳواڻ خورشيد شاهه جي ضمانت واري درخواست تي ٻڌڻي ڪئي جنهن ۾ پ پ اڳواڻ جي طرفان رضا  رباني دليل ڏنا.

رضا رباني پنهنجي دليل ۾ چيو ته خورشيد شاهه هڪ سال کان جيل ۾ آهي ڪيس 12 جڳهين ۽ 3 اڪائونٽن بابت آهي. ٻڌڻي دوران نيب پراسيڪيوٽر چيو ته سنڌ هاءِ ڪورٽ جي فيصلي ۾ 9 جوابدارن کي ضمانتون مليون. ضمانتن جي خلاف اپيلون داخل ڪري رکيون آهن انهن کي به ٻڌو وڃي.

ان موقعي تي عدالت 9 جوابدارن جي ضمانت رد ڪرڻ لاءِ داخل ڪيل نيب جون اپيلون به مقرر ڪرڻ جي هدايت ڪري ڇڏي. جنهن کان پوءِ عدالت خورشيد شاهه ۽ ان جي پٽ فرخ شاهه جي درخواستن تي نيب کي نوٽيس جاري ڪري ڇڏيو. جڏهن ته ٻڌڻي 2 هفتن جي لاءِ ملتوي ڪري ڇڏي.

جواب شامل کریں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔