والاريل ڪشمير ۽ فلسطين جهڙا تڪرار گڏيل قومن جي واضح ناڪامين جو ثبوت آهن: شاهه محمود قريشي

نيويارڪ : پرڏيهي وزير شاهه محمود قريشي چيو آهي ته والاريل ڪشمير ۽ فلسطين جهڙا تڪرار گڏيل قومن جي واضح ناڪامين جو ثبوت آهن، ٺهرائن ۽ فيصلن جا بخيا اڊيڙيا پيا وڃن، گڏيل قومن جي 75هين سالگرهه جي موقعي تي ورچوئل اجلاس، پرڏيهي وزير شاهه محمود قريشي ويڊيو لنڪ ذريعي خطاب ڪندي چيو آهي ته والاريل ڪشمير ۽ فلسطين جهڙا تڪرار گڏيل قومن جي واضح ناڪامين جو ثبوت آهن، گڏيل قومن والاريل ڪشمير جي عوام کي حق ڏيارڻ جو واعدو ڪيو هو، جيڪو اڃا پورو ناهي ٿيو، گڏيل قومن تي رڳو ڪچهرين جو هنڌ هجڻ جو طنز ٿي رهيو آهي، ٺهرائن ۽ فيصلن جا بخيا اڊيڙيا پيا وڃن، طاقت آڏو بي وس هجڻ ۽ سلامتي ڪائونسل جي معاملي ۾ گڏيل سهڪار جي کوٽ تي ڳڻتي آهي.

جواب شامل کریں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔