وزيراعظم عمران خان سان آرمي چيف جي ملاقات

اسلام آباد: وزيراعظم عمران خان سان آرمي چيف قمر جاويد باجوهه ملاقات ڪئي آهي.

وفاقي راڄڌاني اسلام آباد ۾ وزيراعظم عمران خان ۽ آرمي چيف جنرل قمر جاويد باجوهه سان ٿيل ملاقات ۾ ملڪي ۽ سيڪيورٽي معاملن تي خيالن جي ڏي وٺ ڪئي. ذريعن موجب ان ملاقات ۾ وفاقي ڪابينا جا ميمبر ۽ عملدار به موجود هئا.

ياد رهي ته ڪجهه ڏينهن اڳ آرمي چيف جنرل قمر جاويد باجوهه پارلياماني ميمرن سان پڻ ملاقات ڪئي هئي جنهن ۾ پاڪستان جي تقريبن اپوزيشن جي سمورين پارٽين سان تعلق رکندڙ پارلياماني اڳواڻ موجود هئا. 

جواب شامل کریں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔