آمريڪا ۽ ايران ڳالهيون جاري رکڻ تي اتفاق ڪيو آهي، پاڪستان

تھران : ايران جي سپريم نيشنل سيڪيورٽي ڪائونسل اعلان ڪيو آهي ته شهيد سپريم ليڊر سيد علي خامنه اي ۽ ايراني عوام خلاف ڏوهن ۾ ملوث عنصرن کي مناسب وقت تي سزا ڏني ويندي. ايراني ميڊيا مطابق، ايران جي سپريم نيشنل سيڪيورٽي ڪائونسل جي سيڪريٽري محمد باقر ذوالقدر اربع ڏينهن جاري ڪيل بيان ۾ چيو ته ”شهيد قائد جي شهادت وقت بند مٺ ايران جي قومي سلامتي نظريي جي هڪ دائمي علامت رهندي“.ياد رهي ته ايران جي نئين سپريم ليڊر مجتبٰي خامنه اي پنهنجي پهرين بيان ۾ چيو هو ته هن پنهنجي والد جي وفات کانپوءِ سندس مڙهه (جسمِ خاڪي) ڏٺو، جنهن ۾ سندس مٺ بند هئي جيڪا مزاحمت جي آخري علامت هئي. محمد باقر ذوالقدر چيو ته خامنه اي ۽ ايران جي مظلوم شهيدن جي رت جو بدلو وٺڻ جو معاملو اڃا پڄاڻي تي ناهي پهتو. هن جو چوڻ هو ته انهن ڏوهن کي ڪندڙ ۽ حڪم ڏيندڙ عنصرن کي تمام جلد، مناسب وقت تي پنهنجي انجام تائين پهچايو ويندو.
آمريڪا ۽ ايران ڳالهيون جاري رکڻ تي اتفاق ڪيو آهي، پاڪستان
قطري ۽ پاڪستاني ثالثن اڄ دوحا ۾ آمريڪي ۽ ايراني ڳالهيون ڪندڙ وفدن سان الڳ الڳ ملاقاتون مڪمل ڪيون، جن دوران اسلام آباد مفاهمتي يادداشت (MOU) سان لاڳاپيل معاملن تي، سوئٽزر لينڊ جي ڍنڍ لوسرن سربراهي اجلاس جي اڳڀرائي کي بنياد بڻائيندي، هاڪاري پيش رفت ٿي. ڌرين ان ڳالهه تي اتفاق ڪيو آهي ته ايندڙ عرصي دوران ڳالهيون جاري رکيون وينديون، جڏهن ته ايندڙ اجلاس جي تاريخ اڳوڻي ايراني سپريم ليڊر سيد علي خامنائي جي جنازي جي رسمن ۽ جلوسن جي مڪمل ٿيڻ کان پوءِ، جلد کان جلد مقرر ڪئي ويندي.
ايران جون فوجي صلاحيتون ”ڳاڙهي لڪير“ ۽ ناقابلِ مذاڪرات آهن: ايراني وزيرِ دفاع
ايران جي قائم مقام وزيرِ دفاع هڪ ڀيرو ٻيهر واضح ڪيو آهي ته ملڪ جون فوجي صلاحيتون هڪ ”ڳاڙهي لڪير“ آهن ۽ آمريڪا سان مذاڪرات دوران انهن تي ڪنهن به قسم جي ڳالهه ٻولهه نه ڪئي ويندي. ايران جي قائم مقام وزيرِ دفاع ماجد ابن الرضا پنهنجي هڪ بيان ۾ چيو ته ”اسلامي جمهوريه ايران جي دفاعي، ميزائل ۽ ڊرون صلاحيتون اسان جي قومي سلامتيءَ لاءِ ڳاڙهي لڪير آهن.“هن وڌيڪ چيو ته، ”اهي صلاحيتون نه هاڻي قابلِ مذاڪرات آهن ۽ نه ئي مستقبل ۾ هونديون.“ ماجد ابن الرضا جو اهو به چوڻ هو ته ايران جا ”ميزائل ۽ ڊرون پروگرام وڌيڪ ترقي ڪندا رهندا.خيال ڪيو وڃي ٿو ته جنگ دوران ايران هزارين ڊرونز استعمال ڪيا، جيڪي هن نار (خيلج) جي پاڙيسري ملڪن ڏانهن فائر ڪيا. اهي بنا پائلٽ جي جهاز ايران لاءِ وڏي انگ ۾ تيار ڪرڻ نسبتاً سستا آهن ۽ جڏهن انهن کي وڏي تعداد ۾ استعمال ڪيو وڃي ته اهي فضائي دفاعي نظام کي ناڪام بڻائي سگهن ٿا. انهين ڊرونز کي ڪيرائڻ پڻ مهانگو ثابت ٿيو آهي.

تبصرے بند ہیں۔