اپوزيشن پاران اسلام آباد جي نجي هوٽل ۾ پيپلز پارٽي جي ميزباني هيٺ اي پي سي

اسلام آباد : پي ٽي آءِ سرڪار کي ٽف ٽائيم ڏيڻ لاءِ اپوزيشن سَندرا ٻڌِي ورتا، اسلام آباد جي نجي هوٽل ۾ پيپلز پارٽي جي ميزباني هيٺ اڄ اي پي سي ٿي رهي آهي، اڳوڻو وزيراعظم نواز شريف ۽ اڳوڻو صدر آصف زرداري وڊيو لنڪ ذريعي اي پي سي کي خطاب ڪندا، ڪُل جماعتي ڪانفرنس ۾ نواز ليگ، جي يو آءِ، اي اين پي، نيشنل پارٽي،قومي وطن پارٽي ۽ جَي يو پي سوڌو 11 جماعتن جا وفد شرڪت ڪري رهيا آهن، جماعت اسلامي اپوزيشن جي اي پي سي ۾ شرڪت نه ڪرڻ جو اعلان ڪري ڇڏيو، ذريعن موجب پ پ چيئرمين بلاول ڀٽو اي پي سي ۾ شرڪت ڪندڙ پارٽيز جي قائدن سان گڏيل پڌرنامي لاءِ صلاح مشورا ڪري ورتا، بي اين پي سربراهه اختر مينگل طبيعت خراب هجڻ سبب اي پي سي ۾ شرڪت کان معذرت ڪري ڇڏي، ذريعن جو چوڻ آهي ته اختر مينگل طرفان بي اين پي جو وفد اي پي سي ۾ شرڪت ڪندو.

جواب شامل کریں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔