سنڌ ۾ 60 ننڍا وڏا ڊيم تعمير ڪيا ويا آهن: مرتضيٰ وهاب

ڪراچي : سنڌ حڪومت جَي ترجمان مرتضيٰ وهاب چيو آهي ته سنڌ ۾ 60 ننڍا وڏا ڊيم تعمير ڪيا ويا آهن، ان ڊيمز ۾ برسات جو پاڻي محفوظ ڪري فصل پوکڻ جي ڪم آندو ويندو. سماجي رابطن واري ويب سائيٽ ٽوئٽ  تي سنڌ حڪومت جي ترجمان مرتضيٰ وهاب پاران ننگرپارڪر ۾ ٺاهيل ڊيم جي وڊيو پڻ جاري ڪئي وئي آهي.  مرتضيٰ وهاب جو چوڻ آهي ته ننگرپارڪر ۾ ڪالي داس ڊيم سان علائقي ۾ ايگرو اڪانومي جي سپورٽ ۾ مدد ملندي. مرتضيٰ وهاب جو چوڻ هو ته ڊيم جَي ڪري هي علائقو آباد ٿي ويو ۽ هاڻي رڻ پٽ ناهي رهيو. هن وڌيڪ چيو ته ڊيمز ۾ محفوظ ڪيل پاڻي فصل پوکڻ لاءِ استعمال ٿيندو، جيئن آبادگار معاشي نقصان کان بچي سگهن…………

جواب شامل کریں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔